نِفاقَ جي سنڌي معنيٰ
اڻ ٺاھَ، اڻ بڻت، بدسلوڪي، اڻ پوَند، تڪرار، روساما، ڦِڪت، وانجوڳ، ڪِينا، ڪَپت، دُوئيون، دغائون، بُغض، عَداوت، دشمني، بگاڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ill-treated, conflict, malice, enmity, distortion, hypocricy.
نِفاقَ جا بيتن ۾ حوالا
دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ،
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
وَجَھَ مَنجِهہ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناھِ دَلِيلُ،
نالو ناھِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ.
[ سُر آسا، وايون، 6 ]