نِظارو جي سنڌي معنيٰ
ڏسڻ واري حالت، نگاھ، نظربازي، ديداربازي، ڏيک، منظر، لقاءُ، ڏيکاءُ. سونھن، سوڀيا، حسن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Viewing, looking, prospect, an open view, a place which affords an extensive prospect, splendor, beauty.
نِظارو جا بيتن ۾ حوالا
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ،
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو،
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو،
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
نَبِيءَ نِظارو، پِيَ پَسايو پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 13 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]