نِسوروئي جي سنڌي معنيٰ
پورو، مڪمل، سچو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
نج، خالص، صاف، نرمل.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Pure, unalloyed, mere, only.
نِسوروئي جا بيتن ۾ حوالا
آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏيھُ ٻاروچَنِ جو،
پُنهونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 20 ]
پُنهونءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 20 ]
ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھي راڻا ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 25 ]
سوڍا اِيءُ شَربَتُ، نِسوروئي نِينھَن جو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 25 ]
بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ،
نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ،
ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 26 ]
نِسوروئي ناھِ جو، سامِي ڪَنِ سَھَڄُ،
ھِنيان تَنِ سين ھَڄُ آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 26 ]
بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]
نِسوروئي ناھِ جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،
سِرکَنڊُ جَنِي ساڻُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 27 ]
پُورِيءَ ٽِيھَن پِرِينءَ سين، ٿِئا مِڙيئِي مَوجُودُ،
نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ،
لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ،
سِڪَ مَنجهان را سُودُ، لوڌِي لوڙي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 30 ]
نِسوروئي نانھِن جو، سامِي ڪَنِ سُجُودُ،
لاطَماعُنِ لاھُوتَ ۾، وِڃايو وُجُودُ،
سِڪَ مَنجهان را سُودُ، لوڌِي لوڙي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 30 ]
نِسوروئي ”ناھِ“ جِي دِلِ ۾ دُونھِين پاءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جَا آديسِي عِشقَ سين، سا لاھُوتِي لاءِ،
جِندا تِيئَن جاڳاءِ، جِيئَن سا آتِش آبُ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 18 ]