نَئِي جي سنڌي معنيٰ
جهُڪِي، نمي، نِوِڙِي، ھيٺ ٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bow, lean, dip (as a scale), hang down, incline, tend, pay homage to, bow in submission, yield, give a nod.
نَئِي جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينو،
ڪِجي نَہ ڪِينو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 9 ]

ڪَرَھي کي ڪَئِين، جان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نَئِي،
چانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوباھِيوسِ آھين، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 25 ]

ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]

اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا،
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]