نَئُون جي سنڌي معنيٰ
تازو، تَھدَلُ، ڪورو، جديد، نَڪور، هاڻي جو. ترُ، عجيب، ننڍي عمر جو، ننڍو، نئون جوان. اوپٽو، ڌارِيُون، غير، پراڻو، بيگانو، اڻ سينڌو، اڳ نہ ڏٺل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
New, young, modern, strange, recent, newly. s. m. the first eating of new grain.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
نَئُون جا بيتن ۾ حوالا
جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ،
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
نَئُون کاپارو نِتُ، ڪيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 31 ]
سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون،
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ،
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
لَڙِيي سِڄَ لَطِيفُ چئَي، پيئي کَڻان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئا ڏيرَ، جِنِ واري نِينھَن نَئُون ڪِئو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 5 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
بُرو ڪَشِي بَر چَڙِهئا، نِڌِ نَئُون نيئِي،
بارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي.
ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئا ڏاڍين ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 26 ]
بارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي.
ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئا ڏاڍين ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 26 ]
نَئُون نِينھُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري،
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
نَئُون نِياپو آيو، راڻي وَٽان راتِ،
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
لَڌِيسُون لَطِيفُ چئَي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇي ذاتِ، جٖي آيا سي اَگِهئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 8 ]
آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا،
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ،
ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 12 ]
جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون،
نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 5 ]
نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 5 ]
بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون،
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون،
پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،
ڏِينھان ڏِينھَن نَئُون، مُون کي وِرھُ ويڙِهيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 13 ]
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون،
پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،
ڏِينھان ڏِينھَن نَئُون، مُون کي وِرھُ ويڙِهيچَنِ جو.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 13 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
new (adj.) Middle English neue, from Old English neowe, niowe, earlier niwe "made or established for the first time, fresh, recently made or grown; novel, unheard-of, different from the old; untried, inexperienced, unused," from Proto-Germanic *neuja- (source also of Old Saxon niuwi, Old Frisian nie, Middle Dutch nieuwe, Dutch nieuw, Old High German niuwl, German neu, Danish and Swedish ny, Gothic niujis "new"). This is from PIE *newo- "new" (source also of Sanskrit navah, Persian nau, Hittite newash, Greek neos, Lithuanian naujas, Old Church Slavonic novu, Russian novyi, Latin novus, Old Irish nue, Welsh newydd "new").
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
New, young, modern, strange, recent, newly. s. m. the first eating of new grain.