نانگُ جي سنڌي معنيٰ
هڪ سرندڙ زهريلو جاندار. سَپُ. وڏي ٿلهي بلا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A snake, serpent.
نانگُ جا بيتن ۾ حوالا
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي،
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ،
عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 16 ]

ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ،
جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،
مَتان ڪا مُون سان ھَلي، نِينھُن مِڙيوئِي نانگُ،
عاشِقَ سُڻِي اُٿِئا، بِرھَ وارِيۡ بانگَ،
اَڌَ مُئِي ڪَئِي آھيان، ڪِي جو ڪَھِيو ڪانگَ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، تُڪا ھينَڙَمِ، تانگهَہ.
[ سُر ديسي، وايون، 14 ]

کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري،
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
English Meaning
A snake, serpent.
نانگُ ٻول جا زمرا