نالو جي سنڌي معنيٰ
نانءُ، اسم، ناموس، ساراھ، نيڪي، مشھوري، جس، ڌاڪو، ھڪل، ناماچار، شھرت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A name, appellation. A noun.
نالو جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين، سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ،
اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 16 ]
اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جانۡ نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 16 ]
ڪارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُڻَٽِيھِين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
چَنڊَ نالو ناھِ ڪو، دَرياھَ دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاھِي، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 16 ]
تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري،
ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 16 ]
ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 16 ]
سُتِيءَ سي نَہ سِياءَ، جٖي ڪوھِيارا ڪيچَ جا،
اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 36 ]
اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينھَن جو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 36 ]
جيڪي ڪَرِيان اِيئَن، جِيئَن ڪَمِيڻِي ڪا نَہ ڪَري،
سَندو نالو نِينھَن، ڪَڏِھِين وَٺي ڪا نَہ ڪا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 6 ]
سَندو نالو نِينھَن، ڪَڏِھِين وَٺي ڪا نَہ ڪا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 6 ]
نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا،
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ،
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو،
خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي رُوحَ ۾،
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 1 ]
خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي رُوحَ ۾،
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 1 ]
English Meaning
A name, appellation. A noun.