مِٺايان جي سنڌي معنيٰ
مٺاڻن کان، مٺاسن کان. کنڊ، گيهہ، مٺائين وغيرہ کان بہ، شيرينين کان، ميٺاڄ، مڌرتا، رسن کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
from Sweetness. by Sweetmeats, from confectionery.
مِٺايان جا بيتن ۾ حوالا
مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 10 ]

سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين،
جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]