مَوتَ جي سنڌي معنيٰ
وفات، مرگُ، فوتُ، انتقال، مرتيو، مرڻو، رضا، قضا، رحلت. ڪالُ، اجَلُ، اَزلُ، کُٽي. شامت. مصيبت. فنا.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Death.
مَوتَ جا بيتن ۾ حوالا
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ،
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ نَہ ڀائِي ھوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ،
مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 15 ]
لَڳَندي لَڪَنِ سين، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ،
مَٿي تائِين مَوتَ، سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 15 ]
مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا،
وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي،
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
عِمارَتَ اَنڌَنِ جِي، ڊاٺائِين ٿو ڊاھي،
عَجِّلُوا بِالتَّوْبَةِ قَبْلَ الْمَوْتِ ، ويھُ تُون ويرَمَ لاھي،
پِريان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويھُ سَنباھَي،
نِبا گهوٽَ گهَرَنِ ڏي، وَڏِيءَ ويرَ وَناھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نِبا ڪَفَنَ پَراھي.
[ سُر آسا، وايون، 7 ]

ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا
سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، ھِتِ ھُتي جا ھوتَ،
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَري، تَوِھِين ڪارَڻِ جهوتَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 8 ]