مَنڊَلَ جي سنڌي معنيٰ
ماڙيون. ميڙ، جماعتون، ٽوليون. مجلسون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Assemblies, meetings for a feast or amusement.
مَنڊَلَ جا بيتن ۾ حوالا
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ،
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي،
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]