مَنجِهين جي سنڌي معنيٰ
تنھنجي اندر، تنھنجي وچ ۾ ئي، تون ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Within you, in your own, in your innermost.
مَنجِهين جا بيتن ۾ حوالا
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 26 ]
ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي،
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ،
چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 10 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدا آھي ساڻُ تو،
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ،
مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو مَنجِهہ آھِسِ تَڪِيو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 9 ]
لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، مَنجِهين ٿِي مَعذُورِ،
مَنجهان پَئَن پَرُوڙِ، تو مَنجِهہ آھِسِ تَڪِيو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 9 ]
اوڏو ڪاڪِ مَ ٿِيءُ، مَتان مَنجِهين رَھين،
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
ڏي وَراڪا وِچَ ۾، وِھَ گاڏُئُون وِيءُ،
جَي ڀاويئِي تَہ پِيءُ، نَہ تَہ لاھُئارو لُڙُ وَھي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 24 ]
گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو،
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
English Meaning
Within you, in your own, in your innermost.