مارِ جي سنڌي معنيٰ
خون ڪر، گهات ڪر، قتل ڪر، هلاڪ ڪر. مار ڏي، مار ڪڍ، ڌڪ هڻ، ڪُٽ، سَٽ، زدوڪوب ڪر، سزا ڏي، سيکت ڏي. ڏکوءِ، آزار، ستاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To smite, strike, hit, beat. Kill, slay, stop, get over ground in traveling. To reduce to powder by fire metals.
مارِ جا بيتن ۾ حوالا
مارِ مَ مُطِيعَلَ کي، مَجُوسِيءَ کي مارِ،
وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 2 ]
وَڏِي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نَفَعُ ناھِ ڪِي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 2 ]
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان مارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
مُون مَنجِهہ آھِين تُون، مَڇُڻ تُنھِنجو ئِي توکي لَڳي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 10 ]
سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ،
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ تَہ مَتارو ٿِئين.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 3 ]
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيفُ چئَي، آھي سَندِي عامَ،
مارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنھِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِي پُڇُ پِيادِيُون، اللهَ لَڳِ عَلامَ،
جا نَوازِي آن جي نامَ، سا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 14 ]

فردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نارِ،
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
ھِيءَ جا واڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺِي کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 2 ]
جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڪِئان سِکِيين سُپِرِين، ڪاسائِيءَ ڪِي ڪارِ،
تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَرِ، مُنِيءَ سين مَ مارِ،
چوري چاڪَ نِھارِ، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 5 ]
تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَرِ، مُنِيءَ سين مَ مارِ،
چوري چاڪَ نِھارِ، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 5 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، مَڙُه پُوري مَنجِهہ مارِ،
دائِما دُونھِين دِلِ ۾، مَنَ ۾ مالا وارِ،
سَھُ سَڀَڪا آرِ، آگي جِي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 8 ]