لَھَنِ جي سنڌي معنيٰ
حاصل ڪن، ڪي ڪجهہ پَلي پون، لڀن، پرائين، هٿ ڪن، ڳولي لھن، کٽن، پائن. اگهہ ٻڌن، ملهہ ٺھرائن، قيمت ڪٿن، تہ هي شيءِ ڪيترو لھي. (هيٺ لھڻ، مٿاهين تان هيٺ اچڻ (ڪوٺي، گاڏي، گهوڙي وغيرہ تان). ڪنھن اولاھ تان هيٺ لھڻ، لھي وڃڻ، هيٺ ٿيڻ، اُترڻ، ڍَرَڻ، غروب ٿيڻ. لڀُ مان لڀڻ، ڪنھن منزل تي سواري تان هيٺ اچڻ، (مسافر خاني، يا هوٽل ۾) ٽِڪڻُ، ترسڻ (سج جو) غروب ٿيڻ. (نڙيءَ تان) هيٺ ٿيڻ. صفا ٿيڻ، ڳڙڻ (بُت ۾). (تاس راند ۾ پتو) هيٺ ڇڏڻ، اُڇلڻ. لھپ ڪرڻ (مرض) گهٽ ٿيڻ، (بيماري) ڇڏڻ. ڍَرَڻ، آلَهڻ، (ليکو) چڪتو ٿيڻ، لٿ پٿ ٿيڻ، آجو ٿيڻ، جند ڇڏائڻ، گهٽ ٿيڻ (پاڻي ڇڄڻ. مُڙڻ (تپ) ماٺو ٿيڻ، گهٽجڻ، جَهپجڻ، ڪاٽو کائڻ، هٽڻ.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To obtain, find, acquire, get. To value, be priced at, shell, be worth. Stop at, go or get down, come down, disembark, set as sun, to be taken down or off, to be settled, adjusted, an account, to take up
لَھَنِ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

دارُون ۽ ڪارُون، جانۡ ڪِي ڪِئا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، نِھاري نارُون،
جَنِ جُون سيڻَ لَھَنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 7 ]
سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي،
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ،
لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 11 ]
وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي،
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 17 ]
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 10 ]
کَڻِئو تَڪَبُرَ تَڪِيا، حِيلا ڪِئو ھَلَنِ،
مُوران تان نَہ لَھَنِ، لَمِي راھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 20 ]
مُوران تان نَہ لَھَنِ، لَمِي راھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 20 ]
آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي،
ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ،
سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي گهورا گهوگهِيتَنِ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 39 ]
ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ،
سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي گهورا گهوگهِيتَنِ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 39 ]
پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جَي سُڃاڻَنِ،
بَرَ ۾ بِيکُ لَھَنِ، پَھَرَ نَہ پُڇَنِ ڪاپَڙِي،
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 6 ]