لَنگِهي جي سنڌي معنيٰ
پِنِڻي، ميراثِڻ، مڱڻھارِ، خسيس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beggar woman, mean.
لَنگِهي جا بيتن ۾ حوالا
ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ،
ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي وِئا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 12 ]
نيڻَ ھيرائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگِهي جُوءِ،
ھاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي وِئا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 12 ]
ليڙَنِ لَنگِهي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي ٿِئا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، پُنهون ڄامُ پَھَسَ،
ھُئا وَڏِي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 1 ]
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَري،
اُنَ کي ناتَرِ ڪوھُ ڪَري، جي لُڊُوڻِئان لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 15 ]
اُنَ کي ناتَرِ ڪوھُ ڪَري، جي لُڊُوڻِئان لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 15 ]
ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا ڪَنھِن نَہ مالَ،
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
سوڍِيُون سِجهائي ھَلِئا، ھَئَي تَنِي جي حالَ،
جٖي ڇورِنِ ڏِنا ڇالَ، تَہ لاھُوتِي لَنگِهي وِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 16 ]
ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ جي ڪا نَہ ڪا،
جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ،
ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ ڏورِ، لَنگِهي ٿِي لَڄَ مري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 22 ]
جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ،
ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ ڏورِ، لَنگِهي ٿِي لَڄَ مري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 22 ]
جِيئَن تُون ڏَڏُ ٿِئو، تِيئَن لَنگِهي ٿِي لَڄَ مَري،
سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 23 ]
سُڀان سِياڪو، صَحِي مِڙَندو مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 23 ]
English Meaning
Beggar woman, mean.