قُوتِ جي سنڌي معنيٰ
کاڄ، کاڌو، خوراڪ، طعام، غذا، چوڳ، چوڳو، خورش، روزي، رزق، کاڌو، پيتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Food, diet, nutrition, nutrient, victuals, subsistence, fead.
قُوتِ جا بيتن ۾ حوالا
سَٻَرُ سِيءُ پِئو، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو،
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
جهُڙ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائُون پَکَڙا،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ،
جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 23 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، قَدُرُ نَہ ڪيڻانِ،
جيڪُسِ آئُون وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِئا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 23 ]
ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رَھَنِ سَٻَرَ سَتِ،
کَٿِيءَ ۾ کيھَ ڀَڪُلِئا، ڀُڻَنِ اِھَڙِيءَ ڀَتِ،
پَنوھارَڪِي پَتِ، پيھِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 24 ]