قَھَرُ جي سنڌي معنيٰ
غضب، ڏمر. زبردستي، زوري، ڏاڍ، ظلم، بيداد، انڌير، شامت، بدبختي، نڀاڳائي، برائي، چنڊائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tyranny, rage, fury, passion, misfortune, adversity.
قَھَرُ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ڪُوفِيُنِ قَھَرُ ڪِئو، ٿِئا جَماعِتِي يَزِيدَ جا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِھو، شيرُ شَھادَتَ رَسِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 4 ]
تو تان سانگُ نَڪو، ماري مِيرُ وِڌوءِ،
ھيڏو قَھَرُ ڪِئوءِ، مَولا جا مَڱڻا،
ھادِيءَ جا مَڱڻا، توکي تَرسُ نَڪو،
آيُون جو آسَ ڪَري، مَرُ پاندِ تَنھِنجي پوءِ،
ڏِنُئِي نامَ اللهَ جي، سو سِرُ سُڳَندو ھوءِ،
جِمَ موٽائِيين مَڱِڻو، اُڀِي راڻِي خاتُونَ چوءِ.
[ سُر سورٺ، وايون، 2 ]

ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائين ۾ ٺارَ،
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
سورٺِ چَئي سَرَتِيين، مُٺِيَسِ مَڱڻَھارَ،
ڪِئو قَھَرُ قَھارَ، جَنھِن راڻِيُون سَڀَ رُئاڙِيُون.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 16 ]
ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾، جَو گِهڙي سو ني،
خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 3 ]
خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 3 ]
English Meaning
Tyranny, rage, fury, passion, misfortune, adversity.