قاضِي جي سنڌي معنيٰ
فيصلو ڪندڙ، انصاف ڪندڙ، نبيرو ڪندڙ. جهيڙي جو فيصلو ڪندڙ. شريعت جو صاحب. عدالتي جج، منصف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A Muslim law officer, a judge, a kazi.
قاضِي جا بيتن ۾ حوالا
پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو،
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
اَکَرَ پَڙِهي اَڀاڳِئا، قاضِي ٿِئَين ڪِيئَن،
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
ڀيرِيين ۽ ڀانِئيين، مُلان مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزازِيلَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 10 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، رُپو رَوازِي،
ٿِيندو رَبُ قاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سان.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 10 ]
دِلِ لائي دُورِ نَہ جا، آئُون تُنھِنجي دَرسَ ديوانِي موٽُ مِيان،
قاضِي پَڙِهئا پُڇِ رَھِيان، ھِتِ ناھِ طَبِيبان دِي جاءِ،
اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، لالَڻَ تَوِھِين لاءِ.
[ سُر پورب، وايون، 6 ]
قاضِي پَڙِهئا پُڇِ رَھِيان، ھِتِ ناھِ طَبِيبان دِي جاءِ،
اَکِيُنِ آگَمَ لائِيا، لالَڻَ تَوِھِين لاءِ.
[ سُر پورب، وايون، 6 ]
English Meaning
A Muslim law officer, a judge, a kazi.