غَفلَتَ جي سنڌي معنيٰ
بي پرواهي، بي خيالي، بي ڌياني، بي توجھي. ڪاهِلي، غافلي، سستي. ڀُلَ چُڪ، خطا. ويسر، نسياني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Heedlessness, carelessness, thoughtlessness, inattention, oblivion, negligence, forgetfulness.
غَفلَتَ جا بيتن ۾ حوالا
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪوھُ ٿِئو،
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آيو،
پُڇان ٿِي پُنهونءَ کي، عَبَثُ تان اُنَ کايو،
ھوتَ ھَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالِهہ سُڻايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 4 ]
غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين،
چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ،
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيين
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 7 ]