طَيُورَنِ جي سنڌي معنيٰ
پکي پرندن، پکين، جهنگ جي پکين. (عربي لفظ طائر جو جمع)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Birds, winged creature.
طَيُورَنِ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]