طالِعَ جي سنڌي معنيٰ
برج. بخت، نصيب، ڀاڳ، قسمت، ستارا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The stars or zodiac that rises from the east at the time of birth, star, destiny, fate, lot, fortune.
طالِعَ جا بيتن ۾ حوالا
عُمِرِ سَڀَ عِشقَ سين، پُنهون جٖي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارَڳِ جٖي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 12 ]
ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾،
مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا،
اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،
حَلالُ ڇَڏي ھِتَھِين، مَٿي ڍُونڍَ ڍَرَندا،
ڦِٽَلَ ڦَيارِنِ تي، اورِئائِين اڙَندا،
سَڱُ جيڏاھِين سُرَھو، تيڏاھَن نَہ تَرسَندا،
ھَنڌِ ھِدايَتَ جي، اُستَخان آڻِيندا،
چَمڙَنِ جِھَڙا چُھِنبَ وَڍِئا، ھُماءَ سين نَہ ھَلَندا،
طالِعَ طائُوسَنِ جا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،
ھُد ھُد پاسي ھَنجَڙا، ويٺائِي وِھسَندا،
ڪُوڙا ڪِرفِتِيءَ تي، سَٽُون ڏِئو سِرَندا،
حَدَ لَنگِهئائُون حَقَ جِي، ٻِنِهِي پيرَ ٻَجِهندا،
پِرَ جي پاڙِيسرَنِ سين، چُڻُو تان نَہ چُڻَندا.
[ سُر پورب، وايون، 1 ]