صِراطَ جي سنڌي معنيٰ
رستو، راھ، گس. اهل اسلام جي عقيدي موجب دوزخ ۽ بھشت جي وچ ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي هڪ پُل جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Road, path, way, direct road or passage. Name of a bridge over which (in the belief of Islam) the righteous will pass into Paradise, and from which the wicked fall into hell, on the day of judgment.
صِراطَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]

سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ،
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]

مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]