صَلابَتَ جي سنڌي معنيٰ
مضبوطي، ڏاڍائي. استحڪام، بيھڪ، بيٺلائي. اقبال، شان، شوڪت. رعب، دٻدٻو، حشمت، تُومان، آب، تجمل، ٺٺ، فلڪ، مڻيا، ڏيا، ساڃاھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Awe, rigidity, hardness, firmness, severity.
صَلابَتَ جا بيتن ۾ حوالا
شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ،
آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آھِين کاڄُ بُکِينَ جو، تانۡ تُون طَعامُ تَيارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسان جو دِيدارُ،
حُسُنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيارُ،
سُڃَ ڪِئائِين سُرَھِي، واسِئائِين وَڻِڪارُ،
ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوارُ،
گهورِئان گهَرُ گهَٽِيءَ تان، اَچي جِئا آڌارُ،
ڪوڙيِين ٿِئا ڪيتِرا نالي تان نِثارُ،
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرُفِتارُ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مِلئو مُون مَنٺارُ.
[ سُر حسيني، وايون، 2 ]

مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين،
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]
English Meaning
Awe, rigidity, hardness, firmness, severity.