سِڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
اڪير ۾ رھن، سڌون ڪن، ڦٿڪن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Longing
سِڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو مَٿي تَنِ،
جٖي ساھَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 40 ]

آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي،
اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ،
اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 21 ]

دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا تان نَہ ڪِجَنِ،
دِلِ ڏِجي کي ھيڪَڙي، ٻِئا سَھِسين مَرُ سِڪَنِ،
اُوءِ چَلوِلا چَئِجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِينِ دوسِتِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 7 ]

آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 4 ]

ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]

مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]

ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ،
اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي سِڪَنِ،
اَگهِئا سُٽَ سَندَنِ، پائي تَرازِيءَ نَہ تورِئا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 21 ]

نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي قَضا ڪَنِ،
سارِئو سُپَيرِيَن کي، سِڪَنِ ۽ سَڙَنِ،
پَڙَهندَلَ پوءِ رَھَنِ، ھوءِ اَڳھَيِن ھُونِ اُتَھِين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 18 ]