سُڪِي جي سنڌي معنيٰ
خشڪ ٿي، آلاڻ ختم ٿي، ٺوٺ ٿي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dried, arid, rotten.
سُڪِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
سُڪِي ڍورُ ڊَھِيُون ٿِئو، ڪَنڌِيءَ ڏِنو ڪائو،
پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو،
ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 10 ]
پاڻِي پَٽِيھَلَ ۾، اَڳِيُون نَہ آئو،
ماڻُهنِ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 10 ]
English Meaning
Dried, arid, rotten.