سُڌِيرُ جي سنڌي معنيٰ
صابر، کمندڙ، ڌيرائتو، بردبار. ڏاهو، اڪابر، سياڻو، سچيت، سمجهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Patient, enduring. Wise, big hearted.
سُڌِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَڏِ نَہ ساھُ سُڌِيرُ، دِلِ دَرماندِي دوسَ ري،
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جاڳِيرُ، ھاڻي مِلڪَ ھوتَ جِي.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 11 ]
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ،
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]
ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
English Meaning
Patient, enduring. Wise, big hearted.