سَڦِرو جي سنڌي معنيٰ
سڦلو. لائق، سُٺو (فائدي وارو).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good one, able, profitable.
سَڦِرو جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
صَبُرُ گهَڻو سَڦِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
اُٿِي اورِ اللهَ سين، ڪُوڙُ ڪَماءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَڦِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تَہ سودو ٿِئي سَڦِرو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 8 ]
سودو اِھوئِي سَڦِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ،
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ،
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ،
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ،
قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 24 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ،
قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 24 ]
English Meaning
Good one, able, profitable.