سَينَ جي سنڌي معنيٰ
سُوالُ، صَدا، پُڪار فقير جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hawking, cry of beggar.
سَينَ جا بيتن ۾ حوالا
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ،
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

چوڏَھين ڏِينھِن چَلِي وِئا، جوڳِي مَٿي جُوءِ،
اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ،
راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 14 ]
اُتي آديسِيَنِ جِي، لَڳي سَينَ صُبُوحِ،
راوَلَ اِنَهِين رُوءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 14 ]
عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طاماعُو،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 1 ]
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جِتِ پَھَرَ نَہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 1 ]
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپَڙِي، طَعامَ نَہ طَمعدارَ،
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 2 ]
سَينَ ھَنيائُون سُڃَ ۾، جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌارَ، اُٺي گُوندَرِ گَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 2 ]
English Meaning
Hawking, cry of beggar.