سَنِيھَڙا جي سنڌي معنيٰ
محبت جا پيغام، نياپا، سلام ، سَندِيسا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Messages, love letters, news, memos.
سَنِيھَڙا جا بيتن ۾ حوالا
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]

آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]

ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ،
آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ،
چُئان تِيئَن چَئيجِ، تَہ کِيانتا خُوشِ ھُئين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 1 ]

ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن،
جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن،
سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي، چَئِجِ چَيَمِ جِيئَن،
تُون پُڻ آڻِجِ تِيئَن، جِيئَن کَرَنِ خَبَرَ نَہ پَئي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 39 ]

سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ،
آئُون جي ڏِيئِين سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ،
وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ ويچارِي واٽَ مُئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 3 ]