سوڍَلَ جي سنڌي معنيٰ
مُومل جو مڙس. مينڌرو، ”راڻو سوڍو“، مومل راڻي جي ڪھاڻي جو هيرو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nickname of Rano, calling name with love by Moomal to Rano, Sodho
سوڍَلَ جا بيتن ۾ حوالا
ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ وِندَسِئو،
ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ،
راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 9 ]
ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ،
راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 9 ]
سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ،
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ،
ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين، ڪِ ڏِنِيَئِي پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلَ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهليُون.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 13 ]
راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها،
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا،
تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 11 ]
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا،
تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 11 ]
ڪو اَچِي مُون چوءِ، اِجهو راڻَلُ آيو،
تَہ پھرِين پيرين تَنھِن پَوان، پِرِينءَ گَڏِجان پوءِ،
سوڍَلَ سانگُ سَندوءِ، اللهُ اوراھُون ڪَري.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 20 ]