رُسَڻُ جي سنڌي معنيٰ
ڪاوڙجڻ، رنج ٿيڻ، ناراض ٿيڻ. تنگ ٿيڻ، خفا ٿيڻ. مُنھن مَٽڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To have a misunderstanding with a friend, to take offence, sulk.
رُسَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ، مَ وانءُ پَري،
وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري،
لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي سَري،
آيَسِ تو ڳَري، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 10 ]
وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري،
لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي سَري،
آيَسِ تو ڳَري، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 10 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ،
ميٽِ مَدايُون موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ،
لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، ڪونِهي سُونھَن سِياءُ،
اَوَڳُڻَ ڍَڪي آءُ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 11 ]
ميٽِ مَدايُون موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ،
لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، ڪونِهي سُونھَن سِياءُ،
اَوَڳُڻَ ڍَڪي آءُ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 11 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي،
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي،
ڪَرِ مَعافِي مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 12 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ،
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ،
شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،
اَچِي مُشڪُ ماڻِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 13 ]
ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ،
شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،
اَچِي مُشڪُ ماڻِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 13 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون ڪَرِ،
ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ،
لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ وِلِهِيءَ تي وَرِ،
پَرَچُ پِرِين ڪَنھِن پَرِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 14 ]
ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ،
لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ وِلِهِيءَ تي وَرِ،
پَرَچُ پِرِين ڪَنھِن پَرِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 14 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون چورِ،
تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 15 ]
تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 15 ]
راڻي جي رُسَڻُ جو، دِلِ ۾ اٿُون داڳُ،
مُون کي ڏِيئِي ڏُھاڳُ، ڍولو ڍٽِ قَرارِئو،
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 22 ]
مُون کي ڏِيئِي ڏُھاڳُ، ڍولو ڍٽِ قَرارِئو،
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 22 ]
English Meaning
To have a misunderstanding with a friend, to take offence, sulk.