رُسَڻَ جي سنڌي معنيٰ
ڪاوڙجڻ، رنج ٿيڻ، ناراض ٿيڻ. تنگ ٿيڻ، خفا ٿيڻ. مُنھن مَٽڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To have a misunderstanding with a friend, to take offence, sulk.
رُسَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪَئِي چوٽِي،
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
پِريان سَندي پارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لالَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينھَڙا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 10 ]
گهُنڊَڙِي نَہ لاھِيو، پاتِيَوَ جا پِرِيتِ سين،
ڪو ڏِينھُن تَڳاَيو، رُسَڻَ سَندِيءَ رِيتِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 17 ]
ڪو ڏِينھُن تَڳاَيو، رُسَڻَ سَندِيءَ رِيتِ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 17 ]
راڻي رَنجُ لَکايو، ھِتان وَڃِي ھُتِ،
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
ميڙِ مُنجان ٿِي مَينڌَرا، ڀُوڻِ اَواھِنجي ڀُتِ،
اِيءَ نَہ رُسَڻَ رُتِ، اَڃا مَحَبتَ مورَ مَسَ ڪِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 21 ]
راڻي جي رُسَڻَ جو، دِلِ ۾ اَٿُون داڳُ،
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
وَٺِي وِئو پاڻَ سين، سَڀوئِي سُھاڳُ،
مُون کي ڏيئِي ڏُھاڳُ، ڪاھي وِئو ڪَرَھو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 23 ]
اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا،
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنھِنجون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 1 ]
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنھِنجون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 1 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، تو دَرِ عَيبَ اَپارَ،
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
اَڻَ وڻِتِ جا آچارَ، شالَ ڪانڌُ ڪَري مَ ڪَنھِن سين.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 2 ]