رَحمانَ جي سنڌي معنيٰ
مھربانَ، الله تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Merciful to His believers in this world and in the Hereafter
رَحمانَ جا بيتن ۾ حوالا
ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَرَ سُونھين جٖي،
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
آيُون تَنِي کي، واڌايُون وِصالَ جُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 8 ]
ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

راجا راتِ راضِي ٿِئو، تَنھِن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
تَڏِھِين موٽِي ڪارِئا مَڱڻي، طَرَحَ تُنبي کي تانَ،
تَہ ڪارَڻِ رَبَ رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطانَ ڏي.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 20 ]

اِيءُ ڏٺوئِي ڏوھُ، جِيئَن رامُ ڪوٺِيين رَحمانَ کي،
جو ھادِيءَ چَيو حَبِيبَ تي، سو ڪَلمُو ڪَھين نَہ ڪوھُ،
اَطِيطَنِ اَندوھُ، ٿِيندو ڏِينھَن قِيامَ جي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 1 ]

نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ،
پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 19 ]

سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]