ذاتِي جي سنڌي معنيٰ
ذات جو، ذاتيرو. حقيقي، اصلي، فطرتي، قدرتي، طبعي. شخصي. سِرجو، سندس، وجودي، ديھڪ، بدني، پنھنجو. نِج. سڀاويڪ، عين بين، هوبھو، پراڪرت. سھج، ضروري، مکيہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Personal, private, own, intrinsic, innate, inborn, natural, real.
ذاتِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي سَسُئِي،
آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 16 ]
آرِياڻِيءَ سين آھِ، ذاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 16 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]