دَيُون جي سنڌي معنيٰ
تابشون، چمڪون، ٻَھڪون، جهرڪون، جرڪون، تجلا، آب تاب، چِلڪايون، روشنيون، حشمتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lightenings, twikling, flarings.
دَيُون جا بيتن ۾ حوالا
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 1 ]

دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]

ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَھاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئام لَطِيفُ چئَي، ڪارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀايان لَڪَ لَيُون، جٖي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 12 ]

اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ،
ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان نَہ پُڇَنِ،
ڌُوڙِ پِريان لَئي ڌارَ ٿِئو، ويچارا وِجَهنِ،
خَبَرَ کاھوڙِيَنِ، آھي لِکَ لاھُوتَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 2 ]