داسَڙا جي سنڌي معنيٰ
ليلا پاران پنھنجي ور چنيسر لاءِ خاص نالو. (شاھ جي رسالي ۾ منسوب ڪيل چنيسر لاءِ) گر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love name for Chanesar by Leela his wife. Only used in Shah Jo Risalo.
داسَڙا جا بيتن ۾ حوالا
جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ اڱَڻِ تو آئِي،
ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي،
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 41 ]

ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي،
ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو آئِي،
وارِيين نَہ وائِي، دِلِاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 20 ]

اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ داسَڙا،
جي تو رُسَڻَ سَندِي رُوحَ ۾، تِيئَن مُون ڀيڻِي ناھِ ڀَتارَ،
سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنھِنجون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 1 ]

توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين،
تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ،
گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي پيئِي گهارِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 24 ]

آھِين سُونھون ساٿَ جو، ھِتي ھُتي تُون،
گُناھَ نَہ بَخشِيين مُون، تُون ڌَڻِيَمِ آھِين داسَڙا.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 15 ]

دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ،
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]

تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ،
دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ،
ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي وَرَ وِھارِيين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 18 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]