خُوابَ جي سنڌي معنيٰ
سپنا، ننڊ ۾ ڏٺل نظارا، رُؤيَا. نِنڊ، اُنگهہ، آرام. خيال، تَصَور، ويچار، وهم، گُمان. بِشارتون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dreams, visions.
خُوابَ جا بيتن ۾ حوالا
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]

صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين،
مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ،
سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 10 ]

پَرَ وَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پِرِين وَسِ نَہ پانھِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 11 ]

اُتَرَ ڏُونھِن آلاپَ، ڪالُهون ڪَرَ ڪُونجَ ڪَري،
پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 15 ]