جٖي جي سنڌي معنيٰ
جيڪي، اُھي، سَي، جو ڪجهہ، جملي، سڀ، ھر ڪوئي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Those, who, these, they
جٖي جا بيتن ۾ حوالا
ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]

آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين،
جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]

جٖي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وانءُ مَ تَنِي وَٽِ،
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پاڻا ھَڻَندا پَٽِ،
مُھِرَ تَنِي کان مَٽِ، جٖي پارَکُو پارِسَ جا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 20 ]

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]

ڪونِهي آڳَھُ اِھَڙو، جِھَڙِي مَحَبتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جٖي ريءَ تُرَھي تَرِن،
سِڪَ رَساڻي سُهڻِي، اَصلِ عاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 38 ]

گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون،
وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون،
جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 24 ]

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي تَنِ جو،
لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي،
جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي اوڏو ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 15 ]