جَهجها جي سنڌي معنيٰ
گهڻا، جام، زيادہ، بيحد، ڪثير. تمام گهڻي تعداد ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Enough, many, more, plenty amount.
جَهجها جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها،
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها،
پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 2 ]
اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ،
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 17 ]
جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين.
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]
English Meaning
Enough, many, more, plenty amount.