جَلِيلَ جي سنڌي معنيٰ
خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. وڏائيءَ وارو، وڏو، بزرگ. شان وارو. جلال وارو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Almighty, Name of Allah, Eternal powerful.
جَلِيلَ جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ،
دَرياھَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪِئا.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 10 ]
جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين،
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 8 ]
ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ،
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ جَلِيلَ،
آھَرَ تو اَصِيلَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 2 ]
آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ،
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]
ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 26 ]
جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا،
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 7 ]
لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 7 ]
English Meaning
Almighty, Name of Allah, Eternal powerful.