جَلِي جي سنڌي معنيٰ
ڄَرِي، سڙِي، کامِي، پچي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burnt, baked.
جَلِي جا بيتن ۾ حوالا
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، جي ظاھِرُ ڪَرِيان زَبانَ،
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو،
پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي،
سَندِي دَردَ دَئِي، ھئَي ھئَي ھيٺاھِين ڪِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 29 ]
پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي،
سَندِي دَردَ دَئِي، ھئَي ھئَي ھيٺاھِين ڪِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 29 ]
ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ،
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ،
ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 20 ]
English Meaning
Burnt, baked.