جَلَڻَ جي سنڌي معنيٰ
سڙڻ، ٻرڻ، کامڻ، پَچڻ. ڀَسَم ٿيڻ. پوسرڻ. رَجهَڻ اندر ۾، ڪڙهڻ، رشڪ ڪرڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To burn, be envious, have a grudge or ill will.
جَلَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري،
ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 19 ]
ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 19 ]
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، ھَلَڻَ ريءَ مَ ھَلُ،
جَلَڻَ ريءَ مَ جَلُ، روئَڻَ ريءَ مَتان رُوئين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 34 ]
جَلَڻَ ريءَ مَ جَلُ، روئَڻَ ريءَ مَتان رُوئين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 34 ]
آئُون پِہ گَڏِجان ھوتَ کي، آن پُڻ ڀَلائِي،
جَلَڻَ جَلائِي، آھِيان آرِيچَنِ جي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 26 ]
جَلَڻَ جَلائِي، آھِيان آرِيچَنِ جي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 26 ]
English Meaning
To burn, be envious, have a grudge or ill will.