جيتَرو جي سنڌي معنيٰ
جنھن مقدار يا انداز جو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
As much as, as many.
جيتَرو جا بيتن ۾ حوالا
پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتَرو، ڪِيئَن سُڄَندِي ڪِيھَ،
جيڪَرَ ڪَرِيان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 28 ]
جيڪَرَ ڪَرِيان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 28 ]
ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون،
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“ جو.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 4 ]
جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي،
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ،
جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ، تَہ وِيھَ ڀيرا وَڍي ڏِيان.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 12 ]
جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾،
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ،
جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ،
مارُنِ مُونجهَہ مُياسِ، نَہ تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪِينَڪِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 1 ]
کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو،
لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ،
ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ،
مَلِيرُ مِڙيوئِي مَعافُ، عُمَرَ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 27 ]
لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ،
ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ،
مَلِيرُ مِڙيوئِي مَعافُ، عُمَرَ اِنعامِي ڪِئو.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 27 ]
جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين،
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 2 ]
تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ،
اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 2 ]
English Meaning
As much as, as many.