جاڳو جي سنڌي معنيٰ
سُجاڳ رھو، بيدار رھو، اوجاڳو، سارَ لھو، سنڀاليو، سُڌ رکو، خَبَرَ پروڙيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
be wakeful, don't sleep, open eyes, be alert.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
جاڳو جا بيتن ۾ حوالا
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 7 ]
سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو،
جاڳو اَکَڙيُون،
لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون،
توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي ٿِيُون،
مُون کي ڏِيين نَہ مُنھَن ۾، جي مُون ڪالَهہ ڪِيُون،
ھَنڌِ نَہ آھي ھيڪَڙي، ميمَڻَ جو ھِنيُون،
ڪوھُ ڪَرِيبو تَنِ کي، جَنِي مَنجِهہ ڪِيُون،
حُسُنُ راھُو مَنِ جو، مُنھِنجو آھِ مِيُون،
مُنھِنجا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون،
اَرَتو اوتَڻُ سِکِيُون، عادَتَ اَکڙِيُون.
[ سُر رِپ، وايون، 2 ]