جاٽَ جي سنڌي معنيٰ
سير، سفر، مقدس مقام ڏانھن وڃڻ، زيارت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Body of pilgrims
جاٽَ جا بيتن ۾ حوالا
جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]

جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ جاٽَ مَ وَڃو جوڳِئا،
قُوتُ مُنھِنجو ڪاپَڙِي، سِڱَڙِيَنِ مَنجِهہ سِھو،
ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِئو، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنَ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 11 ]

ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 38 ]

مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ،
اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 39 ]

ڳَرِيَنِ ڏيئِي ڳاٽَ، جان مُون گهَڻو نِھارِئا،
مَڙِهيُون مُون مارِيندِيُون، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
وِنجُهلان تَهِين واٽَ، راوَلَ جَنھِين راھَ ڳِيا.
[ سُر پورب، جوڳي، 19 ]