تَڏِھِين جي سنڌي معنيٰ
تنھن وقت، ان وقت. پوءِ. تڏهين. ”جڏهن“ جو ضد.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Then, at that time
تَڏِھِين جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
نَہ آدَمُ نَہ حَوا ھو، نَڪِي خَلَقِيو،
ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 21 ]
ڪاٿَي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 21 ]
جَڏھِن وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇَڏِي لُڙَ ۾،
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
پاراران پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 31 ]
آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ،
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 37 ]
تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 37 ]
اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا،
قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران،
پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 22 ]
قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران،
پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 22 ]
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳِرو،
چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 19 ]
چُڪَسِ سَڀَ چَئِي، تَڏِھِين مَولا مِينھَن وَسايا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 19 ]
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 12 ]
مُون کي نَٿا نِينِ، پِرِينِ مُلِڪِ پانھِنجي،
ڌوٻِڻِ جِي ڌِيءُ ڪِئو، تَڏِھِين ٿا تَڙِينِ،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ ٻُڏا ٻانِهينِ جِيئَنِ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 26 ]
ڌوٻِڻِ جِي ڌِيءُ ڪِئو، تَڏِھِين ٿا تَڙِينِ،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ ٻُڏا ٻانِهينِ جِيئَنِ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 26 ]
English Meaning
Then, at that time