تَپُ جي سنڌي معنيٰ
ٻرو، ڪوساڻ، حرارت، گرمي. بخار، ڪوسو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fever, ague. Devout austerity, religious penance.
تَپُ جا بيتن ۾ حوالا
ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جَڏِي زالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَئَي ھِيڻِيءَ جي حالَ،
جُکِي ريءَ جَمالَ، اَگِهي ٿِي آھُون ڪَري.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 4 ]

تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِ وِڌائِين، نِئائِين مَرِضُ مُؤمِنَنِ تان،
دَردُ پاڻَ دَردَ ۾، ٻَرو ٻُڏو ٻاجَهہ ڪِئائِين،
اَگها سَڀَ سَگها ٿِئا، ڏُکندو ڏُورِ نِئائِين،
گِروھَ گودَڙِيَنِ جي، سِلڪَ صِحَتَ ڏِنائِين،
ميڙي مُرِيدَ پانھِنجا، رَحمَتَ هيٺِ رَکئائِين.
[ سُر مارئي، وايون، 23 ]