تيڏانھَن جي سنڌي معنيٰ
تنھن طرف ڏانھن، تنھن پاسي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To or towards that place, thence.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
تيڏانھَن جا بيتن ۾ حوالا
نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ لانگوٽِيءَ لِکَ،
جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 2 ]
جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 2 ]
نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ،
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 3 ]
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 3 ]
ڪَلمُو پَڙَهان تَہ ڪافِرُ ٿِيان، ڪَلمُو پَڙهي ڪيرُ،
جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ،
مُون تَنِ سين ويرُ، جَنِ جو ڪَمُ قُريشِيءَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 28 ]
جيڏانھَن راھَ رَسُولَ جِي، تيڏانھَن ڀَريان نَہ پيرُ،
مُون تَنِ سين ويرُ، جَنِ جو ڪَمُ قُريشِيءَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 28 ]
مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ،
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ،
جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ تَہ وِچان وَڏو وِچُ پِئو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 11 ]
English Meaning
To or towards that place, thence.