بَدِيُون جي سنڌي معنيٰ
خرابيون، بُڇڙايون، بُرايون. بدنيتون، ٻيايون. تھمتون، بھتان، الزام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Badnesses, depravities, vices, finding faults, blamings, imputing evils.
بَدِيُون جا بيتن ۾ حوالا
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو،
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو،
بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 9 ]
English Meaning
Badnesses, depravities, vices, finding faults, blamings, imputing evils.