اِيمانُ جي سنڌي معنيٰ
دل جو يقين، اعتقاد، عقيدو. اعتبار، ڀَروسو، ويساھ. پَت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Faith, belief, religion, integrity.
اِيمانُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ،
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ،
اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ،
اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 29 ]
اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ،
اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 29 ]
English Meaning
Faith, belief, religion, integrity.