اُٺا جي سنڌي معنيٰ
وسيا، پيا، وسي پيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rained, poured.
اُٺا جا بيتن ۾ حوالا
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]

نانگَنِ ڪِينَ نَمايو، ناٿُ نَمايو نِينھَن،
مَڙِهنِ اُٺا مِينھَن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ جي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 16 ]

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون نَہ لَھي
راتِ مُنھِنجي رُوحَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ،
آءُ ساڄَنَ لَھُ سارَ، وِرِھَ ويڙِھِي آھِيان.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 17 ]

کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين،
جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي،
پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ آئُون ڏِيندِي،
ڪوڪَڙِ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪي ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
عُمَرَ اُنِهين ڏيھَ جا، ڪوڍِرَ قُوتُ ڪَرِيندِي،
سَڱَرَ ساھِيڙِيَنِ سين، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻَنِ جا، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوَندِي،
گولُون گولاڙن تان، جَهپي سان جَهٽيندِي،
عِيدُنِ بَرادُنِ تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندِي.
[ سُر مارئي، وايون، 3 ]

جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي،
لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن،
ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي ھِيئَن،
ماڙِيءَ لَڳُمِ ميھَڻو، سَڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَھِن مارُوئَڙَنِ جي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 1 ]

مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ،
اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو،
ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَدا ساوَڻُ ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 6 ]

ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين،
ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ،
تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلير تي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 19 ]

جٖي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِئا، ڌُرِيائِين ڌارَ،
تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا مِينھَن مَلِيرَ تي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 20 ]